جمنا ڪناري

جمنا ڪناري

جمنا ڪناري

جمنا ڪناري (ڪتاب ):هيءُ نامياري وڪيل ۽ اديب علي احمد قريشيءَ جو ڀارت جو سفرنامو آهي، جنهن جو مهاڳ الطاف شيخ لکيو آهي. هن سفرنامي ۾ ليکڪ جمنا نديءَ جو احوال ۽ بمبئيءَ ۾ شاهه جي ورسيءَ جو ذڪر اهميت سان بيان ڪيو آهي. ان کان سواءِ الورا جا مندر، اجنتا جا مندر، اورنگ آباد، الهاس نگر (سنڌونگر)، اجمير شريف ۽ ٻين هنڌن جي سير جو بيان ۽ اتي جي دوستن سان گڏ نڪتل، علي احمد قريشيءَ جون تصويرون به شامل آهن. هيءُ ڪتاب 95 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 40 روپيا آهي. الشفيع پبلڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي .


لفظ جمنا ڪناريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو